ڏئيل ڏو

ڏئيل ڏو: هيءُ هڪ لوڪ گيت آهي. هيءُ دراصل محبت ۽ مجاز جو گيت آهي، جيڪو ميرپور ماٿيلي طرف رائج آهي. هن گيت بابت روايت آهي ته: ”مدن مهر“ ٿر جو رهاڪو هو، جنهن کي ڪنهن سبب ڪري قيد ڪري ’گابر‘ جي جيل ۾ رکيو ويو، جنهن بعد ’حمل‘ نالي هڪ عورت، جنهن جو ساڻس پيار هو، تنهن ’مدن‘ جي جدائيءَ ۾ هيءُ گيت چيو.
هن گيت جي سٽاءُ ۾ هڪ ننڍي مصرع چئي، ان جي آخر ۾ وراڻيءَ طور لفظ ’ڏئيل ڏو‘ چيو وڃي ٿو. ائين لڳي ٿو ته اهي لفظ فقط ڳائڻ ۾ لئي پيدا ڪرڻ خاطر ڀراءَ طور ڪم آندا ويا، پر بعد ۾ هيءُ گيت انهن لفظن سان مشهور ٿيو. هن گيت جو هڪ نمونو پيش ڪجي ٿو:
او مهر ’مدن‘ کي ڏئيل ڏو!
او ڪرڙ ڪڪوريا- ڏئيل ڏو!
او پَپوُن پڪيون ٿي- ڏئيل ڏو!
او منڙو ماندو ٿي- ڏئيل ڏو!
او ساهه سڪي ٿو- ڏئيل ڏو!
او الله به آڻيئي- ڏئيل ڏو!
او ور تون وطن تي- ڏئيل ڏو!
او موٽ پرديسي- ڏئيل ڏو!
او منڙو مونجهو ٿي- ڏئيل ڏو!
او پور پون ٿا- ڏئيل ڏو!
او ’حمل‘ هيڪلي- ڏئيل ڏو!


هن صفحي کي شيئر ڪريو